ڪراچي ۾ اٽي جي سنگين بحران جو خدشو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ چڪي مالڪن هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ اٽي جي سنگين بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

ڪراچي ۾ اٽي چڪي مالڪن اربع کان شهر ۾ چڪيون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

چڪي ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري انيس شاهد جو چوڻ آهي ته ڪمشنر چڪي جي اٽي جو ريٽ 105 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان اوپن مارڪيٽ مان ڪڻڪ 120 رپين ۾ خريد ڪري رهيا آهيون.

چڪي مالڪن موجب 105 رپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري اسان وٽ چڪيون بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي.

چڪي ايسوسيئيشن اڳواڻ چيو آهي ته ضلعي انتظاميا چڪين تي ڇاپا هڻي انهن کي سيل ڪري رهي آهي، مطالبن جي منظوري تائين 4 هزار چڪيون مڪمل طور بند رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.