اسلام آباد ۾ هڪ پلاٽ 8 ارب 54 ڪروڙ رپين ۾ نيلام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪيپيٽل ڊويلپمينٽ اٿارٽي جي اهتمام هيٺ اسلام آباد جي رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽن جي نيلامي جاري آهي.

نيلامي دوران بليو ايريا ۾ تقريبن 6000 چورس گز جو پلاٽ 8 ارب 54 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ڪيو ويو.

ائين نيلامي جي نتيجي ۾ کپايل اهو پلاٽ اسلام آباد جي هيل تائين تاريخ جي مهانگي ترين ايراضي آهي.

سي ڊي اي اختيارين پلاٽ جي ڪامياب ٻولي ڏيندڙ جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو پلاٽ ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت سان جڙيل ڪمپني ماڙي پيٽروليم لميٽيڊ نيلامي ذريعي حاصل ڪيو آهي.

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽن جي اها نيلامي 26 جنوري تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.