”دنيا معاشي، موسمي ۽ اسلامو فوبيا جهڙن خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي“

 

تاشقند (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسئلن جي حل لاءِ سڀني ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، هن وقت عالمي سطح تي معاشي، موسمي ۽ اسلامو فوبيا جهڙا خطرا آهن.

تاشقند ۾ اقتصادي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 26هين اجلاس سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دنيا تي موسمياتي تبديلين جا اثر پئجي رهيا آهن، 2022 ۾ پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي پر هيل تائين کنيل قدم اسان جي مستقبل کي طئي ڪندا، اسان کي اڃا وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته اسان کي خطي ۾ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، خطي ۾ امن پاڪستان لاءِ اڻٽر آهي، مسئلن جي حل لاءِ سڀني ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا.

سندس چوڻ هو ته دنيا هن وقت معاشي ۽ موسمياتي تبديلي سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، اسان کي ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.