برطانيا ۾ ٻه سئو ٻار پراسرار نموني گم

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا جي گهرو وزير سائمن مري پناهه جي ڳولائو ٻه سئو ٻارن جي گم ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پرڌيهي ميڊيا موجب سائمن مري چيو آهي ته سمورا ٻار هوم آفيس جي انتظام هيٺ هوٽلز ۾ ترسيل هئا، پراسرار نموني گم ٿيل  ٻارن ۾ هڪ ناري ۽ 16 ورهين کان گهٽ عمر وارا 13 ٻار شامل آهن.

رپورٽس موجب گهرو وزير سومر تي هائوس آف لارڊ ڪي ٻارن جي گمشدگي بابت آگاهه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.