عفت عمر وڏي عرصي تائين جوان نظر اچڻ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

سپر ماڊل ۽ اداڪارا عفت عمر مداحن کي وڌندڙ عمر کانپوءِ به جوان نظر اچڻ جو راز ٻڌائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب عفت عمر تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي فٽنيس ۽ نوجوان نظر اچڻ لاءِ ڪرايل سرجريز بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هن ڍيو ته مارڪيٽ ۾ هاڻي گهڻيون شيون آهن جن بابت عورتن کي ڄاڻ آهي ۽ هو پنهنجي خيال رکنديون آهن.

اداڪارا ۽ سپرماڊل چيو ته توهان کي جوان رهڻ لاءِ ڊاڪٽرز، ليزر ۽ اسڪن ٽائٽننگ ٽريٽمنٽس ۽ ٻين پروسيجرز مان گهڻي مدد ملندي آهي، اهي اوزار آهن جن جي استعمال سان اسان وڏي عمر جا ماڊلز يا اداڪار اڃا تائين نوجوان نظر ايندا آهيون.

هنن وڌيڪ چيو ته مان اسڪن ٽريٽمنٽس بابت کليل ان لاءِ ڳالهه ڪندا آهيون ته ماڻهن کي ڄاڻ ملي ته اسان ڪيئن ايترا سٺا لڳندا آهيون.

عفت عمر پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪندي چيو ته اهڙا گهڻا ٽريٽمنٽس آهن جيئن ليزر، ٿريڊ لفٽ جيئن توهان سٺا نظر اچڻ چاهيو ٿا ته توهان کي سال ۾ هڪ ڀيرو اهي ٽريٽمنٽس ضرور ڪرائڻ گهرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.