بس قرض ڏيو: حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا، ڪيترائي سخت شرط قبول

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف کي گئس مهانگي ڪرڻ ۽ پيٽرول ليوي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ اسلام آباد جائزي کانپوءِ پروگرام بحال ڪرڻ تي اصرار ڪري ورتو.

پاڪستان آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته گئس تڪڙي مهانگي ڪري ڇڏينداسين، پيٽرول تي ليوي به وڌائي رهيا آهيون، ٽيڪس به پورا ڪنداسين، بس توهان قرض ڏيو.

ذريعن موجب ڳالهين دوران آءِ ايم ايف بجلي تي سبسڊي ۽ مختلف شعبن ۾ ڇوٽ ختم ڪرڻ جا شرط لڳايا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستاني وفد کي چيو ته رپئي جي قدر ۾ واڌ کي هٿرادو طريقي سان نه روڪيو وڃي، بجلي جي سبسڊي به ختم ڪئي وڃي، ٽيڪس جي جي ڊي پي شرح وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ مختلف شعبن کي ڏنل ڇوٽ ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.