دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل سال 2022ع جي بهترين وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هڪ به پاڪستاني رانديگرياڻي شامل نه آهي.
آءِ سي سي ون ڊي ٽيم آف دي ايئر لاءِ ڀارت جي هرمَن پريت ڪور کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ٽيم ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جا ٽي، ٽي ڪرڪيٽرز شامل آهن جڏهن ته ون ڊي ٽيم ۾ هڪ به پاڪستاني رانديگرياڻي شامل ناهي.
وومينز ٽيم آف دي ايئر ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جون ٻه، ٻه ۽ نيوزيلينڊ جي هڪ پليئر شامل آهي.