قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جهڙي ڪڌي فعل تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
تصوير ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي رضوان بيان جاري ڪيو ۽ سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ڪئي.
ڪرڪيٽر لکيو ته قرآن پاڪ الله تعاليٰ جو ڪلام آهي، اِهو سڄي دنيا ۾ رهندڙ اربين مسلمانن جي دل ۽ روح آهي.
View this post on Instagram
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا خلاف آواز اُٿاريو وڃي.