موبائيل او ايس ٺاهيندڙن ۾ نئين ملڪ جو واڌارو، موبائيل آءِفون کان محفوظ هوندو

انفارميشنٽيڪنالوجي بابت اڀرندڙ ملڪ ڀارت دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ماهر گوگل جي اينڊرائنڊ ۽ آءِ فون جي آءِ او ايس جي ڀيٽ ۾ موبائيل آپريٽنگ سسٽم تيار ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي تعليم کاتي جي وزير موجب تامل ناڊو جي رياست جي ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي“ مدراس (چنئي) جي انجينيئرز ”ڀروس“ نالي آپريٽنگ سسٽم تيار ڪري ورتو آهي.

ڀارت پاران آپريٽنگ سسٽم جي تياري جي دعويٰ کانپوءِ هو آمريڪا ۽ چين کانپوءِ ٽيون ملڪ بڻجي ويندو جتي مقامي ماهر موبائيل آپريٽنگ سسٽم تيار ڪندا.

هن وقت سڄي دنيا جا موبائيل فونز آءِ فون جي آءِ او ايس ۽ گوگل جي اينڊرائڊ آپريٽنگ سسٽم تي هلن ٿا جڏهن ته ڪجهه موبائيلز ۾ چيني ڪمپني هواوي پاران تيار ٿيل آپريٽنگ سسٽم به هلندو آهي.

جڏهن ته هواوي ۽ ايپل جا آپريٽنگ سسٽمز مخصوص موبائيل فونز ۾ هلي رهيا آهن جڏهن ته اينڊرائيڊ جو آپريٽنگ سسٽم مختلف ڪمپنيز جي موبائيل کي آپريٽ ڪندو آهي.

رپورٽ موجب هي ڪڏهن عام عوام لاءِ متعارف ڪيو ويندو ان جو باضابطا اعلان ناهي ڪيو ويو.

ماهرن دعويءِ ڪئي آهي ته ”ڀروس“ مستقبل ۾ سڀ کان محفوط او ايس هوندو ڇاڪاڻ ته ان جي سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.