”عسڪري قيادت آئين ۽ قانون جي تابع هجي ته ملڪ خوشحال ٿي ويندو”

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته اسان جي نئين عسڪري قيادت جيڪڏهن پاڻ کي آئين ۽ قانون جي تابع ڪري ڇڏي ته ملڪ خوشحال ٿي ويندو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته ملڪ کي نه جوهري طاقت ۽ نه آرمي بچائي سگهي ٿي پر ان کي اسان جو عزم بچائي سگهي ٿو.

هن چيو ته اسان جي نئين عسڪري قيادت جيڪڏهن پاڻ کي آئين ۽ قانون جي تابع ڪري ڇڏي ته ملڪ خوشحال ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.