” نڪاح جو ٻڌي دل ٽُٽي پئي؟“ ساٿي ڪرڪيٽرز پاران شاداب کي دلچسپ انداز ۾ مبارڪباد

قومي آل رائونڊر شاداب خان جي نڪاح تي ساٿي ڪرڪيٽرز کيس دلچسپ انداز ۾ واڌيون ڏنيون آهن.

گذريل رات شاداب خان ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو ته هو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهي جنهن کانپوءِ سندس مداحن سميت مشهور شخصيتن طرفان کيس مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ٽوئيٽر تي شاداب خان کي نڪاح جون واڌايون ڏيندي دعا ڪئي ۽ گڏ لکيو ته شاداب جي نڪاح جو ٻڌي جنهن، جنهن جي دل ٽُٽي آهي، مان سندن ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.

پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم به شاداب خان کي نڪاح جون واڌايون ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

قومي ٽيم جي مڊل آرڊر افتخار احمد به شاداب کي دلچسپ انداز ۾ وڌايون ڏنيون ۽ لکيو ته هي همراهه اڄ کان رڳو ڀاءَ نه پر گهوٽ به آهي، ادا ڪلب ۾ ڀيليڪار.

فاسٽ بالر حارث رئوف شاداب کي واڌايون ڏيندي لکيو ته  ته لڳي ٿو ته منهنجي شادي وارو قدم پسند اچي ويو.

ان کانسواءِ آل رائونڊر جي بهترين دوست حسن عليءَ به شاداب خان لاءِ لکيو ته نيٺ منهنجي دوست جو نڪاح ٿي ويو، مان اوهان لاءِ تمام گهڻو خوش آهيان، شاداب، الله پاڪ زندگي جي ان نئين سبق لاءِ اوهان کي کوڙ ساريون خوشيون نصيب ڪري.

آل رائونڊر فهيم اشرف به لکيو ته چوڌري صاحب کي تمام گهڻيون مبارڪون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.