قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف جي نڪاح کانپوءِ پاڪستان ٽيم ۾ شادي جو سيزن جاري آهي.
قومي ڪرڪيٽرز مان حارث رئوف کانپوءِ شان مسعود ۽ وري گذريل ڏينهن شاداب خان به نڪاح ڪري چڪا آهن جڏهن ته هاڻي امام الحق به انهيءَ قطار ۾ بيٺل نظر اچي ٿو .
ڪرڪيٽر امام الحق سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ٻڌايو ته هو ڪنهن ٻئي جي شادي لاءِ تياريون ڪري، ڪري ٿڪجي چڪو آهيان.
View this post on Instagram
امام الحق پنهنجي پوسٽ ۾ بابر اعظم کي ٽيگ ڪندي لکيو ته بابر هاڻي اسان کي به ڪجهه سوچڻو پوندو، امام پنهنجي پوسٽ ۾ ويڊنگ سيزن وارو هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو .