ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر اڄ به وڌي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 25 پئسا مهانگو ٿيو، ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 230 رپيا 40 پئسا رهيو.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو قدر 25 پئسا وڌيو آهي، جنهن کانپوءِ اهو 240 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.