فيس بوڪ ميسينجر جي سيڪيورٽي وڌائي وئي، هاڻي پيغام محفوظ رهندا

فيس بوڪ ميسينجر جي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ (اي 2 اي اي) چيٽس لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.

رپورٽ موجب ڪمپني پاران ان فيچر جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هاڻي اپڪرپٽڊ چيٽس ۾ ان فيچر کي استعمال ڪرڻ ممڪن ٿيندو جيڪي ميسينجر ۾ پهريون کان ئي موجود آهن، جيئن ٿيمز، ڪاسٽيوم ايموجيز، گروپ پروفائل فوٽوز، لنڪ پريوو ۽ ڪنهن فرد جا ايڪٽو اسٽيٽس وغيره

فيس بوڪ ميسينجر جي اينڊرائڊ ورزن ۾ چيٽ ببلز سپورٽ به فراهم ڪئي ويندي.

هي فيچر نوان ته ناهن پر انهن کي پهريون ڀيرو انڪرپٽڊ چيٽس جو حصو بڻايو پيو وڃي جنهن سان مسينجر واهپيدارن ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ چيٽس جي استعمال جو رجحان وڌندو.

واضح رهي ته ڪمپني پاران اڃا تائين ميسينجر چيٽس کي باءِ ڊيفالٽ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ ناهي ڪيو ويو.

ميٽا ٻڌايو ته واهپيدارن کي 2 اي اي جي نون فيچرز تائين پهچ ايندڙ مهينن تائين فراهم ڪئي ويندي.

ڪمپني موجب 2023 جي دوران ميسينجر ايپ ۾ انڪرپٽڊ چيٽس بابت وڌيڪ نون فيچرز کي به متعارف ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.