دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل مينز ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر 2022 جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ انگلينڊ جي بين اسٽوڪس ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي سال 2022ع جي مينز ٽيم ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظ۾ کي به شامل ڪيو آهي، جيڪو ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ شامل اڪيلو پاڪستاني بيٽر آهي.
سال جي بهترين مينز ٽيسٽ ٽيم ۾ آسٽريليا جو عثمان خواجا، مارنوس لبوشين، ويسٽ انڊيز جي ڀريٿويٽ ۽ انگلينڊ جي جوني بئيرسٽو شامل آهن.
ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ ڀارت جو ريشڀ پنت، آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز، ڏکڻ آفريڪا جو ڪاگيسو راباڊا، آسٽريليا جو نيٿن ليون ۽ انگلينڊ جو جمي ايندروسن به ٽيم جو حصو آهي.