عورت جج کي ڌمڪي جو ڪيس، عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان عورت جج کي ڌمڪي جي ڪيس ۾ سرڪاري ڌر جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج راڻا مجاهد رحيم عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪي ڏيڻ تي عمران خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو، سندس وڪيل نعيم حيدر طبي بنيادن تي ڇوٽ جي درخواست ڪئي.

اسپيشل پراسيڪيوٽر عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي عدم پيشي تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان جو وڪالت نامو ان ڪيس ۾ ڇو ناهي؟ عمران خان جي وڪيل ٻڌايو ته اسان کي نوٽيس جي ڪالهه رات خبر پئي.

پوءِ عدالت عمران خان جي ڇوٽ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.