اهم خبر، نجم سيٺيءَ محمد عامر بابت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئينجمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي فاسٽ بالر محمد عامر جي حوالي سان وڏو اعلان ڪري ڇڏيو.

لاهور جي قذاتي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ نجم سيٺي چيو ته محمد پاڻ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، هو رٽائر آهي، جيڪڏهن هو رٽائرمينٽ واپس وٺڻ چاهي ٿو ته اچي ۽ کيڏي.

هن چيو ته مان ماضيءَ  اسپاٽ فڪسنگ بابت سخت موقف اختيار ڪيو هو مون کان پهريان ۽ پوءِ اچڻ وارن اهڙو موقف اختيار ناهي ڪيو.

هن چيو ته منهنجو موقف هو ته هڪ ته معاف ناهي ڪرڻو جيڪڏهن اوهان سزا پوري ڪري ورتي ته جيڪڏهن اوهان جي چونڊ ڪري سگهجي ته ان جو حق آهي ته اُهو  اچي کيڏي.

پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين چيوته جڏهن مان ويو هئس ته تڏهن هڪ رانديگر کي سزا ٻڌائي وئي هئي ، کيس اسان جي دور ۾ اِها سزا ٻڌائي وئي هئي، جڏهن مان ويس ان جي سزا وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي ۽ هُن کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو.

محمد عابر بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هوته عامر رٽائر آهي، جيڪڏهن هو رٽائرمينٽ واپس وٺڻ چاهي ٿو اچي ۽ کيڏي، پي سي بي ۽ علائقائي ڪرڪيٽ جي قانون پٽاندڙ ٽيم لاءِ چونڊيو وڃي ته کيڏي، جيڪڏهن سندس چونڊ تي سوال آهن ته نٿو کيڏي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.