واٽس ايپ ۾ واهپيدارن لاءِ نئون دلچسپ فيچر متعارف

واٽس ايپ ۾ آگسٽ 2021 کان ”ويو ونس“ جو فيچر موجود آهي.

ان فيچر سان موڪلڻ واري تصوير يا وڊيو هڪ ڀيرو کلڻ کانپوءِ چيٽ سان مڪمل طور تي غائب ٿي ويندي آهي.

رپورٽ موجب ان فيچر ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪمزوري موجود هئي ۽ اها آهي ويوونس سان موڪلڻ وارين تصويرن جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ مشڪل آهي.

هاڻي ميٽا جي ملڪيت هيٺ ايپ ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ميسيجز جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ سولو ڪري ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ پاران هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻي ويوونس ۾ موڪلڻ وارن ميسيجز جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ مشڪل نه هوندو.

ان فيچر تي ڪيترين ئي مهينن کان ڪم جاري آهي ۽ ان کي آڪٽوبر 2022 ۾ بيٽا ورزن ۾ پيش ڪيو ويو هو.

هاڻي سمورن واهپيدارن لاءِ اهو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.

ڪمپني موجب هاڻي جيئن ڪو واهپيدار ويوونس هيٺ ڪنهن به ميسيج جو اسڪرين شاٽ وٺڻ يا رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسڪرين (بليڪ)ڪاري ٿي ويندي.

ايتري قدر جو ٿرڊ پارٽي ايپ سان به اهڙن پيغامن جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ ممڪن نه ٿيندو.

واضح رهي ته ويوونس وارو آپشن متعارف ڪرائيندي ڪمپني چيو ته ان فيچر کي حساس ڄاڻ مثال واءِ فاءِ پاسورڊ جي تصوير موڪلڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

پر اسڪرين شاٽ ڪڍڻ سبب واهپيدارن جي سيڪيورٽي کي خطرو ٿي سگهي ٿو جنهن جي روڪٿام هاڻي به جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.