جسٽس طارق مسعود جي سائفر جاچ لاءِ داخل اپيلون ٻڌڻ کان معذرت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس طارق مسعود سائفر جي جاچ لاءِ داخل اپيلون ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ سائفر جي جاچ لاءِ داخل چيمبر اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جسٽس سردار طارق مسعود اهي اپيلون ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اپيلون واپس چيف جسٽس کي موڪليون ويون.

جسٽس طارق مسعود چيو ته چيف جسٽس سائفر جاچ لاءِ اهي چيمبر اپيلون ڪنهن ٻئي جج سامهون مقرر ڪري.

واضح رهي ته سائفر جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون ويون هيون ۽ رجسٽرار آفيس مختلف اعتراض لاڳو ڪري درخواستون واپس ڪري ڇڏيون هيون.

پي ٽي آءِ ۽ حڪومت سائفر جي جاچ لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.