اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن ۽ انهن ميمبرز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ واري سمري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر گذريل هفتي ٻن مرحلن ۾ پي ٽي آءِ جي ستر ميمبرن جو استعيفائون منظور ڪيون هيون جڏهن ته ان کان اڳ پهرين مرحلي ۾ يارنهن ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون ويون هيون ۽ اليڪشن ڪميشن انهن سمورن ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو هو.
اسپيڪر آفيس موجب ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي سمري به اليڪشن ڪميشن ڏانهن اُماڻي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ سمورا 124 ميمبرز ڊي نوٽيفاءِ ٿي ويندا.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري استعيفائن جي منظوري کانپوءِ ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته راجا رياض کي بچائڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڪيل فيصلي جي نتيجي ۾ هن وقت 40 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي ويون آهن، مُلڪ عام چونڊن جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو آهي.
محدود تعداد میں اسمبلی جانے کا مقصد راجہ ریاض کو اپوزیشن لیڈر کے عہدے سے فارغ کرنا تھا ورنہ اس قومی اسمبلی کی کوئ نمائندہ حیئثئت نہیں کہ اس میں واپس جائیں، اس وقت شہباز شریف حکومت 172 لوگوں کی حمائیت کھو چکی ہے اور حکومت بچانے کیلئے لوٹوں پر انحصار کر رہی ہے،
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) January 24, 2023
فواد چوڌري وڌيڪ لکيو ته محدود انگ ۾ اسميبلي وڃڻ جو مقصد راجا رياض کي اپوزيشن ليڊر واري عهدي تان فارغ ڪرڻ هو نه ته موجودا قومي اسيمبلي جي ڪائي حيثيت ناهي جو ان ۾ واپس وڃو.
راجہ ریاض کو بچانے کیلئے اسپیکر کے اقدامات کے نتیجے میں اس وقت 40فیصد نشستیں خالی ہو چکی ہیں، ملک انتخابات کے مزید قریب آگیا ہے، اس بحران کا واحد حل قومی انتخابات ہیں حکومت کتنا عرصہ عوام سے کترائے گی آخر فیصلہ لوگوں نے کرنا ہے اور فیصلہ ووٹ سے ہو گا
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) January 24, 2023
هن چيو ته هن وقت شهباز سرڪار 172 ماڻهن جي حمايت وڃائي چُڪي آهي ۽ حڪومت کي بچائڻ لاءِ لوٽن تي ڀاڙي رهي آهي.