پرويز الاهي خاندان جي ڪرپشن خلاف رندو ڦرڻ شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ گذريل دور ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف رندو ڦرڻ شروع ٿي ويو آهي. خاص طور  پرويز الاهي خاندان جاچ جي وڏي وڪڙ ۾ اچي ويو آهي.

ايف آءِ اي  ڪافي عرصي کان پنجاب جي ايڪسائيز کاتي کي ليٽر لکي پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جي جائيداد جا تفصيل طلب ڪري رهي هئي پر ڇاڪاڻ ته پرويز الاهي وڏو وزير هو ان ڪري ايف آءِ اي کي ايڪسائيز کاتي جو ڊي جي آصف طفيل تفصيل ڏيڻ کان انڪاري هو.

نگران وڏو وزير مقرر ٿيڻ  کانپوءِ ايف آءِ اي آخري نوٽيس اماڻي ايڪسائيز کاتي جي ڊي جي کان رڪارڊ طلب ڪيو آهي، ٻي صورت ۾ سندس  خلاف به جاچ  شروع ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

ماضيءَ ۾ لکيل ليٽرن جو حوالو به ڏنو آهي. نامياري  صحافي معظم  فخر موجب ڪي پي ۾ به هڪ اسڪينڊل پڪڙيو ويوآهي. جنهن بابت اطلاع آهن ته 27 لک فٽ پائيپ وڇائڻ جو ٺيڪو 2 ارب رپين ۾ ڏنو ويو ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ 27 لک فٽ پائيپ وڇائجي ويو ۽ ٺيڪيدار ڪمپني کي 2 ارب رپيا  ڏنا ويا.  جڏهن ته جاچ ادارن کان هڪ فٽ پائيپ به نه لڀي رهيو آهي.

ساڳي طرح پرويز الاهي جي ٽين گهر واري سائره  انور خلاف به جاچ تيز ٿي وئي آهي ۽ مونس الاهي جي اڪائونٽن  ۾ پنجاب اسيمبلي جي پٽيوالن  جي اڪائونٽن مان ڪروڙين رپيا منتقل ٿيڻ جي جاچ به شروع تيز ٿي وئي آهي.محسو س ٿي رهيوآهي ته ڪرپشن ڪندڙن خلاف رندوڦرڻ شروع ٿي ويو آهي. ان ڪري مونس الاهي اسپين کان فرانس پهي ترسي پيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز 23-01-01 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.