سکر ۾ صحافي جي گهر تي چڙهائي، اي ايس آءِ جي تي ڪيس داخل

سکر ( رپورٽر  ) سکر يونين آف جرنلسٽس جي ھنگامي اجلاس بعد  ايس ايس پي سکر گوڏا کوڙي ڇڏيا صحافي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ اي ايس آءِ لعل ڏنو مھر مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آءِ سميت ٽن خانگي ماڻھن ۽ ٽن نامعلوم ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ خانگي محمد ارشد راجپوت، علي محمد ملڪ، شڪيل انصاري شامل آھن ۽ ٽي اڻ سڃاتل پوليس اھلڪار آھن جن کي ڏسي سڃاڻي ڪيس ۾ نالا ڏنا ويندا ياد رھي ته ٽي 2 ڏينھن اڳ اي سيڪشن ٿاڻي جو اي ايس آءِ لعل ڏنو مھر پوليس اھلڪارن ۽  خانگي ماڻھن سان گڏجي سکر جي سينيئر صحافي حميد ڪمبوھ جي گھر اندر گھڙي چاڌر چوديواري پامال ڪندي ٽن پٽن سميت ڀاڻيجي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري صحافي حميد ڪمبوھ به ٿاڻي تي  پھتو ته ان کي به لاڪپ ڪري مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، ان بعد پريس ڪلب سکر يونين آف جرنلسٽس( ايس يو جي ) جي صدر امداد بوزدار جي صدارت ھيٺ ھنگامي بنيادن تي اجلاس ڪوٺايو ويو پوليس جي روئي ۽ ڌر بڻجڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪئي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر جي حڪمن جي لتاڙ ڪندڙ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ خلاف به تحريڪ ھلائڻ جي منظوري ورتي وئي جنھن بعد ڊي آءِ جي سکر نوٽيس ورتو  صحافي مٿان ڪيس داخل ڪندڙ اي ايس آءِ سميت پوليس اھلڪارن ۽ خانگي ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.