مڪلي ڀرسان برسات متاثر سخت سردي ۾ کليل آسمان ھيٺ زندگي گھارڻ تي مجبور، احتجاج

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) مڪلي ڀرسان قائم ڳوٺ محمد پارھيڙي جي رھواسين محمد، گلڻ، نور محمد، الھڏنو، گلشير، اسماعيل، زمان پارھيڙي، مسمات رحيمان پارھيڙي ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته تازو پيل برساتن بعد اڃان تائين سندن گھرن ۾ برساتن جو گندو پاڻي بيٺل آھي، جيڪو نيڪال ٿي ناھي سگھيو، جنھن جي ڪري ھُو ڳوٺ ڀرسان عارضي جھوپڙيون اڏي ويٺل آھن، جتي مڇرن جو آزار وڌن ڪري اڪثر ماڻھون مليريا توڙي ڊائريا جي بيمارين ۾ وٺجي اسپتالن ڀيڙا ٿي ويا آھن. برساتن بعد کين نه تنبو مليو آھي نه ئي راشن سميت مڇردانيون ملي سگھيون آھن ۽ نه وري سردي کان بچاءُ لاءِ ڪمبل ڏنا ويا آھن، سندن گھر ڊھي پٽ پوڻ ڪري ھو کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل آھن، پر سندن گھرن جي سروي به ٿي ناھي سگھي، ڊي سي ٺٽو کي ٿيل نقصان توڙي گھرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ سميت راشن، تنبو ۽ مڇردانيون ڏيڻ لاءِ ڪافي ڀيرا چيو آھي، پر سندن ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناھي، ھنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ڏيارڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.