ڪراچي ۾ محقق گل حسن ڪلمتي جي عيادت جو سلسلو جاري

گلشن اقبال( ن ع آ) نالي وارو اديب، ليکڪ ۽ محقق گل حسن ڪلمتي سنڌ جو سرمايو آھي، سنڌ حڪومت کين اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي، جيڪا ساڻس وڏي زيادتي آھي. اهڙن خيالن جو اظھار سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي جو وفد حيات تنيو. مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري ۽ محمد علي شيخ پڻ ڊائو ميڊيڪل هاسپيٽل ۾  عيادت ڪرڻ دوران ڪيو ۽ گلدستو پڻ پيش ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته گل حسن ڪلمتي جو ٻولي ۽ ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن پر افسوس سندس صحتيابي لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه پيا کنيا وڃن جيڪا وڏي بي حسي آهي هنن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندي گھُر ڪئي ته گل حسن ڪلمتيءَ جو ايمرجنسي بنيادن تي پرڏيه مان علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.