بلڙي شاهه ڪريم ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، پورهيت طبقو پريشان

بُلڙي شاھ ڪريم( ن ع آ) بُلڙي شاھ ڪريم تعلقي ۾ مھنگائي جو جن بي قابو روز مرھ جي واھپي واري شئين جا اگھ آسمان سان لڳل غريب پورھيت طبقو سخت پريشان عوام جون ميڊيا آڏو دانھون ، سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ م مڪمل طور ناڪام وئي آهي ڪجھ منھينا پھريان سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته  اٽي جو ريٽ في ڪلو 65 روپيه مقرر ڪيو ويو آهي پر سنڌ حڪومت پنھنجي ئي ڪيل واعدن تي عملدرآمد نہ پئي ڪرائي سگھي سنڌ حڪومت جي اھڙيءَ ڪارڪردگيءَ کي ڇا محسوس ڪجي سندن ناھلي يا بديانتي ، بُلڙي شاھ ڪريم جي شھرين جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا ھميشه جلسن جلوسن ۾ اھا دعويٰ ڪندا آهن تہ اسان جي پارٽي عوامي پارٽي آهي پر ھي ته عوام جو رت چوسڻ واري پارٽي آھي ، ڀٽو صاحب بہ اھو نعرو ھڻندو ھو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان پر ھتي ته عوام روٽي پڪوڙن لاءِ به پريشان آھي، ھنن چيو ته بُلڙي شاھ ڪريم جي مختلف اسٽاپن ڏتاواھ جاڙاواھ جنھاڻ سومرو ڏاڏون شھر نائون ميل ڪپور موري سعيد خان لنڊ ملاڪاتيار جھنگ ڪاتيار ۽ ٻين ھنڌ اٽي جو ريٽ في ڪلو 150 روپيا وڪرو ٿي رھيو آھي پر انتظاميا پاران انھن منافعي خور واپارين جي خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي ناھي ڪئي وئي نه ئي ڪڏھن اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي مختيارڪار شھر جي دڪاندارن کي سرڪاري اگھن جون لسٽون ڏنيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.