ماٿيلي ۾ چاچڙ برادري جو عورتن سميت عادلپور پوليس خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو( رپورٽ: نصر الله گڏاڻي) ميرپورماٿيلي ۾ چاچڙ برادري جي مرد ۽ عورتن جو عادلپور پوليس خلاف احتجاج. ايس ايس  پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي مقتولا زھرھه چاچڙ جي والدين محمد حنيف چاچڙ ۽ مھناز چاچڙ دانھيندي چيو ته پندرھن ڏينھن اڳ سندن ڌيءَ زھرھه چاچڙ کي سندس مڙس محمد صالح چاچڙ، ڏير طارق چاچڙ، پرويز چاچڙ ۽ ذوالفقار عرف ڀٽو چاچڙ گھٽا ڏيئي گوليون ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش نامعلوم ھنڌ تي دفنائي ڇڏيو،  جنھن لاش کي مس وڃي ڳوليوسين. ڄاڻايل نوجوان عورت ڳورھاري ھئي سندس پيٽ ۾ ٻه ٻارڙا به ھئا. ھنن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ھئڻ باوجود سياسي مداخلت تحت عادلپور پوليس ھن مھل تائين جوابدار گرفتار ناھن ڪيا. جيڪا زيادتي آھي. ھنن وسوارن کان سندن نياڻيءَ جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.