نوابشاهه: ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل سڪرنڊ واسي ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ احتجاج

نوابشاهه/ سڪرنڊ (نمائندا) اٺ ڏينهن اڳ ڪراچي جي گذري واري علائقي مان سڪرنڊ جي سچل ڪالوني واسي ٻن مزدور نوجوانن محمد بخش لاکو ۽ امام بخش جي جبري گمشدگي خلاف سندس امڙ مسمات عزيزان بانو، ڀاءُ محمد عاقل لاکو وارثن خير بانو، نور بانو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان محمد بخش ۽ امام بخش لاکو ڪراچي جي گزري واري علائقي ۾ مزدوري ڪندا آھن، جڏھن ته 16جنوري جي رات اسان جي ٻنھي نوجوانن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته اسان جي نوجوانن جو ڪنھن به پارٽي سان تعلق ناھي، جڏهن ته اسان جي نوجوانن 7 سال اڳ ۾ ھر پارٽي کان لاتعلقي اختيار ڪئي ھئي جنھن خبرون اخبارن ۾ به آيل آھن، ھنن چيو ته اسان تمام گھڻا پريشان آھيون، اسان ڪافي ڳولا ڪئي آھي ليڪن اسان جي نوجوانن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي نوجوانن کي جلد کان جلد آزاد ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.