گهوٽڪي جي صحافي جيوترام آر منگلاڻي جي ورسي، ڀيٽا پيش

گهوٽڪي ( ڊ ر ) پريس ڪلب گهوٽڪي پاران گهوٽڪي جي سينئر صحافي جيوترام آر منگلاڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ پهرين ورسي جي موقعي تي شاندار پروگرام ٿي گذريو, جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري صحافين اسحاق مڱريو، فاروق سومرو ۽ روزاني سنڌ جو ايڊيٽر مهيش ڪمار خصوصي طور شريڪ ٿيا، پريس ڪلب گهوٽڪي جي صدر نياز چني سڀني آيل مهمانن جي آجيان ڪئي،سنڌي ادبي سنگت ضلعي گهوٽڪي جي رابطا سيڪريٽري سارنگ ڪلادي اياز لطيف دايو جي شاعري سان جيوترام کي منظوم ڀيٽا پيش ڪئي، انهيءَ موقعي تي اسحاق مڱريي خطاب ڪندي چيو  ته جيوترام جي صحافتي زندگي کي ڀيٽا ڏيئي پريس ڪلب شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن گهوٽڪي جي صحافت ۾ استاد وارو ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته جيوترام گهوٽڪي ۾ رواداري وارو ڪردار ادا ڪندي سنڌي هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ ۾ ڪوششون ڪيون،ناليواري صحافي فاروق سومري چيو ته جيوترام صحافتي کيتر ۾ هڪ اداري وارو ڪم ڪيو ۽ هن مهيش ڪمار سميت ڪيترن ئي دوستن جي تربيت ڪئي، جن اڳتي هلي وڏو نالو روشن ڪيو، هن چيو ته جيوترام ۽ ٻين دوستن جي محبتن جي ڪري گهوٽڪي اسان جو ٻيو گهر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.