لاڙڪاڻي ۾ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز ڪرڪيٽ مقابلا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي نگراني هيٺ پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جي سلسلي ۾ ڪالهه اٺين ڏينهن شڪارپور جي پي سي بي گرائونڊ تي شاگردن جي ڪرڪيٽ راند جا مقابلا ٻئي ڏينهن به جاري رهيا جتي پهرين مئچ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ جي ٽيم پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 159 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن جي جواب ۾ شاھ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج شڪارپور جي پوري ٽيم 83 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ جي ٽيم 76 رنسن تان شاھ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج شڪارپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. ٻئين مئچ ۾ پهريان بئٽنگ ڪندي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميروخان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 117 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن جي جواب ۾ بئٽنگ ڪندي گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور جي ٽيم مليل حدف 16 اوورن ۾ حاصل ڪري ڊگري ڪاليج ميروخان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.