ڏهرڪي مان داد لغاري پوليس نوجوان کي کنڀي وئي، احتجاج

ڏهرڪي ( ت ر ) داد لغاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او  صفي الله انصاري جي اڳواڻي ۾ داد لغاري ٿاڻي جي پوليس اهڪارن ڏهرڪي ۾ چڙهائي ڪندي ڏهرڪي جي ڪورٽ سامهون شهرين آڏو ڳوٺ دين محمد ڀيو واسي نوجوان گل حسن پٽ مٺو ملڪ کي شهرين سامهون مارڪٽ ڪندي گاڏي ۾ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد داد لغاري پوليس پاران نوجوان گل حسن ملڪ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس واثن بابو ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جو برادري جي ماڻهن سان زمين جي مالڪي جي معامري تان جهيڙو هلندڙ آهي جنهن بعد داد لغاري پوليس اسان جي مخالف ڌر کان لکين روپيا رشوت وڻي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي جنهن بعد پوليس پاران بنا جواز هر روز حراسمنٽ ڪرڻ تي گل حسن ملڪ پنهنجي وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ گهوٽڪي جي عدالت ۾ داد لغاري پوليس خلاف حراسمنٽ ڪرڻ جي پٽيشن داخل ڪرائي جنهن بعد اهڙي پٽيشن داخل ڪرائڻ تي داد لغاري پوليس مٿان ڏمريل هئي جنهن بعد اڄ گل حسن ڏهرڪي جي عدالت ۾ حاضري تي وڃي رهيو هو ته داد لغاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او صفي الله انصاري جي اڳواڻي ۾  پوليس اهلڪارن کيس ڪورٽ سامهون شهرن آڏو مارڪٽ ڪندي گاڏي ۾ کنڀي ٿاڻي تي کڻي وڃڻ بدران گم ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.