ميرپوربٺورو لڳ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي

ميرپوربٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو لڳ جھوڪ شريف روڊ تي سعيد واھ اسٽاپ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ تاجن سميجو واسي نوجوان وارث سميجو، نوراحمد ٺاراڻي ۽ ڳوٺ جاني ميمڻ واسي نوجوان بصر ميمڻ ۽ صوفن شيخ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال ڪراچي ۽ حيدرآباد روانو ڪيو ويو، جڏهن ته حادٽي ۾ زخمي ٿيندڙ نوجوان وارث سميجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جي مڙهه کي ميرپوربٺورو لڳ ڳوٺ تاجن سميجو آندو ويو جتي لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.