خانپور مهر ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو، شهرين جو عورتن ۽ ٻارن سميت احتجاج

خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) خانپورمهر ۾ مختيارڪار آفييس سامهون لڳل سستي اٽي واري اسٽال تي اٽو مھانگو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 950 روپيا ٿي ويو، سستو اٽو وٺڻ لاءِ شاهپور مهر ، لنڊ بازار، خانپورمهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن کان آيل غريب مسڪين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن مردن عورتن ۽ ٻارڙن سميت مختيارڪار خانڳڙه آفيس آڏو سخت احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ مهانگائي خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته 10 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو 650 مان واڌائي 950 روپيا مھانگو ڪيو ويو آهي، جيڪو اسان پورهيت ۽ غريب طبقي جا ماڻهو خريد نٿا ڪري سگهون، هٿراڌو مهانگائي وڌي وئي آهي، ڪامورا هٿراڌو مهانگائي پيدا ڪندڙ واپارين ۽ دڪاندارن سان ٻٽ بڻيل آهن ۽ منافعي خورن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي ، اعليٰ اختياريون مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري اٽي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽايا وڃن ۽ اسان کي اتي سميت عام واهپي جون شيون سستي اگهه تي ڏنيون وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.