ڏهرڪي ۾ ناري تي ڪارنهن بهتان، قتل جي ڪوشش، امڙ سميت احتجاج

ڏهرڪي ( ن ع آ ) ڏهرڪي لڳ سانڪو روڊ واهي گل خان جي نوجوان ناري زاهده گرگيج پنهنجي امڙ اميدان گرگيج سان گڏ ميڊيا وٽ پهچي دانهيندي لڙڪ لاڙيندي چيو آھي ته ڇهه مهينا اڳ سڳي سئوٽ نواز علي گرگيج سان شادي ٿي هئي، جيڪو مون تي مسلسل تشدد ڪندو هو ٻه ڏينهن اڳ مڙس نواز علي گرگيج ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان مڙهي گهران ڪڍي ڇڏيو، گذريل ڏينهن مان پنهنجي پيءُ غلام سرور جي گهر ۾ ويٺي هيس ته مڙس نواز علي، ڏيرن قربان علي، حسني ،شمن ۽ وحيد پنجابي ۽ رزاق گرگيج گهر تي حملو ڪري مون کي چيو ته تون ڪاري آھين، توکي نه ڇڏيندا سين، ڀڄي جان بچائي آھي ، رزاق گرگيج ۽ وحيد پنجابي منهنجي مڙس کي چرچ ڏيئي منهنجي مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان مڙهيو آھي ،ناري جي امڙ اميدان گرگيج چيو ته منهنجي معصوم نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آھي ۽ ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان مڙهي منهنجي نياڻي کي گهران ڪڍي وري نياڻي کي قتل ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو ويو آھي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي انصاف ڪن، هوڏانهن ڏهرڪي پوليس ناري جي فرياد تي رپورٽ درج ڪري ورتي ،پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.