لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ڪتن جو آزار نه گهٽيو، 12 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 3 سالن جو فيضان، 34 سالن جو واجد، 20 سالن جو فراز، 8 سالن جو علي رضا، 8 سالن جو نعيم علي، 6 سالن جو محمد يعقوب، 60 سالن جو محمد علي، 7 سالن جو رضوان، 12 سالن جي انوشا، 2 سالن جو عابد ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر جي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته رولو ڪتن جي ڏاڙهيل زخمين جو واسطو لاڙڪاڻي شهر جي مختلف پاڙن توڙي ڀروارن علائقن سان آهي جن کي بروقت ويڪسين لڳائي ۽ طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.