لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروايون، 7 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران جي هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 7 سرگرم /جوابدارن کي گرفتار ،ان سلسلي ۾ ويهڙ پوليس اڳوڻي ايس ايڇ او ويهڙ انسپيڪٽر علي حسن ابڙو کي مقابلي دوران زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي مُک جوابدار سهيل کيڙو کي، باڊهه پوليس چيڪنگ دوران پوليس مقابلن جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار پهلوان جمالي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، حيدري پوليس گشت دوران ڌاڙي ڪيس ۾ گهربل ۽ سرگرم جوابدار ضمير جتوئي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، رتوديرو پوليس چيڪنگ دوران ڀانڊو قبو روڊ تان پوليس مقابلن جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار رستم خروس کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، باقراڻي پوليس چيڪنگ دوران دادو ڪئنال وٽان سرگرم جوابدار قدير سنديلو کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، تعلقه پوليس چيڪنگ دوران قمبر روڊ تان جوابدار عبدالرسول چاچڙ کي بغير لائسنس رپيٽر ۽ ڪارتوسن سميت ۽ شهيد عبدالمالڪ ڀٽو پوليس چيڪنگ دوران عوامي چوڪ تان سرگرم جوابدار حسنين چاچڙ کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.