سوڀوديرو ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو لڳ ڳوٺ زنوار سليمان چنا ۾ ھڪ ايڪڙ ٽي ويسا زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين چنا ۽ سنڌڙ سامٽيا جي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺين ٿي پيو، جھيڙي ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين جي آزادانا استعمال ۾ ٻنھي ڌرين جا ڇھ ماڻھو ڌرخمي ٿي پيا، چنا برادري جاخادم حسين چنو، نصير چنو زخمي ٿي پيا، ٻي ڌر جا شير سنڌڙ سامٽيو، روشن، علي نواز ۽ شاھنواز سنڌڙ سامٽيو زخمي ٿي پيا، زخمين کي سوڀوديرو اسپتال آندو ويو، زخمين مان ٻن ڄڻن خادم حسين چنا ۽ شيرسنڌڙ سامٽيو جي حالت ڳڻجي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڪجھه زخمين کي گمس گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو، زخمي خادم حسين چنا ٻڌايو ته زمين جو رڪارڊ اسان جو آھي مخالف ڊي ايس پي سوڀوديرو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سوڀوديرو جي انڪوائري ۾ به زمين جو رڪارڊ پيش ڪري نه سگھيا آھن، ڪجھه ڏينھن اڳ اسان ٻنھي ڌرين طارق سيال وٽ فيصلو رکيو ھو، مخالف اتان به ڀڄي آيا فيصلو نه ڪيو، اڄ اسان جي زمين تان پوکيل رائي ۽ وڻ وڍي رھيا ھئا ته سوڀوديرو ٿاڻي تي دانھين ٿياسون ته ڪاوڙ اچي بلاجواز حملو ڪيو ۽ اسان کي زخمي ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.