سيٺارجا: سئي گئس ڀرسان ٽن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا زخمي

سيٺارجا (ن ع آ) سئي گئس ڀرسان مهراڻ هاءِ وي مرشد پيٽرول پمپ ڀرسان ٽن موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي سئي گئس اسپتال منتقل ڪيو ويو، سئي گئس مهراڻ هاءِ وي مرشد پيٽرول پمپ ڀرسان روڊ تان موٽر سائيڪل ڪراس ڪندي ٻن موٽر سائيڪلن سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ سرفراز ولد غلام مصطفيٰ شر ويٺل ڳوٺ ميگھو فقير، ڪنڌار خان ولد بخش شنباڻي ويٺل ميھر ويسر  ۽ جميل احمد، صدام حسين، مھتاب ولد محمد خان جيڪي ڳوٺ گل حسن ڪٻر جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، جڏهن ته زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين  مان سرفرار ۽ ڪنڌار جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقامي پوليس پاران حادثي جو شڪار ٿيل گاڏين کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.