خيرپور ڀرسان مال جي واڙي کي باهه، 10 ڀلوڙ ٻڪريون مري ويون

خيرپور ( س ر) خيرپور ويجھو احمد پور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ احمد علي کاھ ڦلپوٽو اندر ڳوٺاڻي عرفان علي ڦلپوٽو جي مال جي واڙي کي اوچتو پراسرار نموني باھ لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي جنهن جي نتيجي ۾ ڏھ ڀلوڙ نسل جون ٻڪريون ٿڏي تي سڙي مري ويون، ڳوٺاڻن موجب فائر برگيڊ عملو اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مڙسي ڪري باھ تي ضابطو آندو ۽ ٻين گهرن کي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، اسسٽنٽ مختيار ڪار شيراز احمد ڦلپوٽو. يونين ڪاؤنسل شاھ ڀنڱيون چيئرمين شيردل زاهد خان ڦلپوٽو  جن متاثر ڳوٺاڻي وٽ پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ پورهيت عرفان ڦلپوٽو کان تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي باھ متاثر ڳوٺاڻي کي مڇردانيون جي ۽ ٽينٽ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياري واپس روانا ٿي ويا. جڏهن ته باهه متاثر ڳوٺاڻي جون چار لک رپين جي ماليت جون ٻڪريون مري وڃڻ سبب پورهيت جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا غريب پورهيت باھ متاثر ڳوٺاڻي جي اسسٽنٽ مختيارڪار سميت ڪنهن به مالي مدد نه ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.