ڄامشوري ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿيو، شهرين جو احتجاج، ڌرڻي جو چتاءُ

ڄامشورو ( ڊ ر ) ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي جي مقرري بعد سڄي ضلعي ڄامشورو ۾ بدامني جي  باھ کر کنيو آھي،  ڏينھن توڙي رات جو سري عام ڦر ۽ چوري جون وارداتون ٿي رھيون آھن جنھن جي ڪري شھري توڙي واپاري طبقو سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن، ان سلسلي ۾ ڄامشوري جي مختلف علائقن مان ڦرجي ويل متاثرن ميڊيڪل اسٽور مالڪ راحيل قريشي، قادر بروھي، طالب بليدي، سھيل پنھور، بابر سڀايو، ڪريم بروھي، واحد پنھور، سنڌيونيورسٽي جي شاگرد فيصل بروھي طاھر ھنڱورو ۽ ٻين متاثرن ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي سخت احتجاج ڪيو، هنن جو چوڻ هو ته اسان کان ڦر ۽ چوري جون وارداتون ٿيل آھن پوليس وٽ دانھيندي رپورٽ به داخل ڪرائي آھي پر پوليس پنھنجو روايتي ڪردار ادا ڪندي صرف ٺلھا آسرا ڏئي رھي متاثرن جي تذليل ڪري کين واپس ڪيو ويندو آھي،  ھنن چيو ته شھري واپاري توڙي ٽرانسپورٽر ۽ شاگرد طبقو ضلعي ڄامشورو ۾ غيرمحفوظ بڻيل آھن ڦورو ۽ چور سري عام  ڏينھن توڙي رات جو وارداتون ڪري رھيا آھن پر کين ڪير روڪڻ ۽ چوڻ وارو نه اٿن جن کان ڦر واقعا پيش ٿين ٿا ته پوليس صرف پنھنجي روايتي ڪردار ادا ڪندي واقعي جا تفصيل وٺي ھليا ويندا  آهن، سنڌيونيورسٽي جي شاگرد فيصل بروھي اعلان ڪندي چيو ته ٻن ڏينھن اندر اگر ڦرجي ويل موٽرسائيڪل ۽ موبائلون واپس نه ڪيون ويون ته سنڌيونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان انڊس ھاءِ وي ۽ ايم نائن موٽروي تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.