سنڌ سرڪار پاران شڪارپور جي ڪچي ۾ آپريشن جو اعلان، ايس ايس پي دورا

ميان صاحب ( ن ع آ )  شڪارپور ضلعي پوليس پاران جاڳڻ جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن جو اعلان ڪندي چيو آهي تہ جاڳڻ ۽ جهان واهہ واري علائقن ۾ هٿيارن جي خاتمي ۽ ڏوهارين خلاف اثرائتي آپريشن جو اعلان ڪيو آهي ايس ايس پي شڪارپور رٽائرڊ ڪئپٽن فيضان علي جهان واهہ ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ سنڌ سرڪار جي هدايتن تي شڪارپور جي جاڳڻ ۽ جهان واهہ جي علائقن ۾ رهندڙ ڏوهارين خلاف هفتي اندر اثرائتو آپريشن شروع ڪري رهيا آهيون ايس ايس پي شڪارپور ٻڌايو تہ ضلعي ۾ هن وقت نيشنل هاء ويز جي علائقن لکي ، خانپور ، همايون ، مدئجي ۽ ٻين شهرن ۾ ڏوهن تي ضابطو آندو آهي ۽ هن وقت ضلعي اندر اغوا جو ڪو بہ واقعو نہ ٿيو آهي ايس ايس پي شڪارپور موجب جاڳڻ ۽ جهان واهہ جي علائقن ۾ بدنام ڏوهاري رهن ٿا جن مٿان سرڪار پاران لکين رپيا انعام جي سفارش ٿيل آهي ، ايس ايس پي شڪارپور چيو  ته جيڪڏهن ڪٿي ڏوهہ ٿئي ٿو تہ ماڻهو روڊ بند ڪرڻ کان پاسو ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.