سامارو لڳ اغوا ٿيل گهوٽ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو

سامارو ( ن ع آ ) سامارو لڳ اغواٿيل گهوٽ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو ۔ سامارو تعلقي جي ڳوٺ مکي امولک مھيشوري 4 ڏينھن  اڳ  اغوا ٿيل  نوجوان جيوڻ کوسو کي سامارو پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعوي  ڪئي آھي ۔گهوٽ جي بازياب ٿيڻ تي سندس گهر ۽ ڳوٺ ۾ خوشي جي لهر پيدا وئي آھي ۔گهر ڀاتين جي چھرن تي مرڪون موٽي آيون ۔مغوي گهوٽ جيوڻ کوسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀيڻ جي شادي جي دعوت ڏيڻ لاء پي ويس ته مون کي منهنجي سالي ذوالفقار کوسو سنڍو ليمون کوسي  سميت ٻن ڄڻن اغوا ڪري ھڪ باغ ۾ رکيو ويو زال کي ڇڏي ڏيڻ لاءَ زور ڀريو  سندن ڳالھ نه  مڃڻ  تي تشدد ڪندا  انجيڪشنون لڳائي بيھوش ڪندا ھيا  پوليس اتان کان مون کي ھٿ ڪيو  ٻئي طرف سامارو پوليس جي اي ايس آ۽ محمد حنيف جو چو آھي ته پوليس پارٽي خفيا اطلاع تي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي حد ڏاجھيرو موري ڀرسان ڇاپو ھڻي مغوي کي ھٿ ڪيو آهي جڏھن ت جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.