کپرو ۾ چوري جون وارداتون وڌڻ لڳيون، دڪان مان سامان گم

کپرو(ن ع آ ) کپرو ۾ هفتي کان چورين جي وارداتن تي ڪنٽرول ناهي ٿي سگهيو پوليس چورين جي روڪٿام لاء ڪوبه قدم ناهي کنيو شھري روزانه چورين جي واراتن تي ڪنٽرول نه ٿيڻ تي افسوس جو اظھار ڪري ڇڏيو شھر ۾ رات دير سان شاهي بازار , سانگهڙ روڊ تي ڪرشن لعل جي گهر اڳيان بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا ديا لوهاڻي جي ڪريانه دوڪان جي شٽل جا تالا ٽوڙي سامان گيھ , چانور , صابن ۽ نقدي چوري ڪري ويا جڏھن ته شھر جي ميگهواڙ محلي مان رات دير سان چور پاڻي جي موٽر چوري ڪري ويا پوليس چورن خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي ڪاروباري طبقي ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪاوڙ جو اظھار شھرين ايس ايس پي سانگهڙ کان چوري جي مسلسل وارداتن تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته کپرو پوليس الرٽ ڪري چورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته شھري وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.