ماٿيلي ۾ سستي اٽي جا اسٽال نه لڳا، غريب مردن جو عورتن سميت احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ۾ سستي اٽي جو اسٽال نه لڳائڻ خلاف غريب مردن ۽ عورتن پاران النثار پيٽرول پمپ اڳيان نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي، ان موقعي تي مسمات بچل، مسمات صنم، نصرالله، عبدالمجيد، جاويد احمد ۽ ٻين چيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ سستي اٽي جا اسٽال ناهن لڳايا ويا، جنهن ڪري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽيو پيو وڃي،  هتان جا غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني به نه ٿا کائي سگهن ۽ بک وگهي ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن،  ضلعي گهوٽڪي انتظاميا عدالتي حڪمن ۽ سنڌ حڪومت جي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اٽو 150 روپيا مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، جنھن سان غريب ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، اعليٰ اختياريون سستي اٽي جو اسٽال لڳائي عوام مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.