موري مان کنڀي گم ڪيل استاد جي آزادي لاءِ سياسي سماجي ڌرين جي بک هڙتال

مورو ( رپورٽ: شاهنواز ڀٽي ) مورو ۾ وڪيل سليم لغاري جي ڀاءُ استاد جي ايم لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف سياسي سماجي، قومپرست تنظيمن، استادن، وڪيل برادري سميت وارثن عورتن معصوم ٻارڙن جو ھڪ ھفتي کان ، مورو پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال جاري، جنھن جي اڳواڻي  پيءُ غلام رضا لغاري، سيد محسن علي شاھ، اسد سولنگي، قادر خان ڪورائي، محمود اعواڻ، ھاشم نول، شاھنواز ڀٽي، امير علي، سڪندر ڪورائي، سچل جتوئي ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا، جتي ھنن چيو ته ھڪ ھفتي کان وڌيڪ ڏينھن گذري چڪا آھن پر استاد غلام مرتضي لغاري کي ظاھر ناھي ڪيو ويو ھن کي آزاد ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي، جي ايم لغاريءَ پيغمبري پيشي سان تعلق رکي ٿو، ان جو سياسي پارٽي سان تعلق ناھي، جيڪڏھن ھن تي ڪو ڪيس وغيره آھي ته ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا آزاد ڪيو وڃي، اعليٰ اختياريون  کنڀي گم ڪيل نوجوان استاد جي ايم لغاري کي آزاد ڪري  بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت 27 تاريخ تي ڪراچي ۾ سندس گھرواريءَ پنھنجي معصوم ٻار ۽ ڀيڻ پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينديون جنھن جي ذميوار انتظاميا ھوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.