برسات بعد موهن جو دڙو کي نقصان پهتو، بحالي ڪم ۾ 10 سال لڳندا: پرڏيهي ماهر

موهن جو دڙو  ( ن ع آ ) يونيسڪو طرفان برساتن بعد پرڏيهي ماهرن 10 ڏينهن جي ورڪشاپ دوران نقصان هيٺ آيل تهذيبي آثارن جو جائزو ورتو ۽ ڪنزرويش ۽ بحالي جي ڪمن بابت هڪ ٻئي سان ڊگها بحث مباحثا ڪيا. گذريل ڏينهن ڏيهي پرڏيهي ماهرن ورڪشاپ جي آخر ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جيڪا 4 ڪلاڪ جاري رهي، جنهن ۾ پرڏيهي ماهر جيري زائفراءِ يونيسڪو اسلام آباد جي مسز ڪرسٽينا جواد عزيز ڊائريڪٽر موهن جو دڙو سيد شاڪر شاهه، انجنئر علي حيدر گاڏهي،  آرڪيالاجسٽ الطاف اثيم، ڪيوريٽر روحل امين نويد احمد سانگاهہ اروڙ يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر جَويرا شيخ، آرڪيالاجي شعبي جي  جي ثنا گل، مهراڻ يونيورسٽي جي منتها مهر سنڌ يونيورسٽي جي مشعل عباسي، غلام شبير جويو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ يونيسڪو ماهر جيري زائفراءِ گڏجاڻي ۾ شامل ڏيهي پرڏيهي ماهرن کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ 10 ڏينهن جي مشاهدي بابت تفصيلي جائزو پيش ڪيو.ان موقعي تي پرڏيهي ماهر چيو ته برسات سبب موهن جو دڙو کي وڏو نقصان پهتو آهي.جنهن ڪري مڪمل ڪنزرويش ۽ بحالي جي ڪم ۾  5 کان 10 سال لڳي سگهن ٿا. ان ڪري  موهن جي دڙي جي بحالي لاءِ 10 سالن جي رٿا بندي ڪندي ماسٽر پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.