ڪولاب جيئل ڀرسان مري ۽ چڍڙ برادري ۾ خوني تڪرار جو فيصلو، 40 لک رپيا ڏنڊ

ڪولاب جيئل(رپورٽ: عبدالقدير چانڊيو) ڪولاب جيئل لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ 8 مهينا پهريان کان مري ۽ چڍڙ برادري وچ ۾ خوني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو گهرن کان بي گهر ٿيل هئا، ٻنهي برادري جا معصوم گلن جهڙا ٻار تعليم جهڙي زيور کان پڻ محروم هئا، ڇاڪاڻ ته سندس جو تڪرار خونريزي ۾ بدلجي چڪو يو جنهن جو اڄ فيصلو سردار هاؤس ڳوٺ ڏانورو ۾ سردار اظهر خان ڪماريو سردار غلام حيدر ڦلپوٽو جن جي سرپينچي ۾ ٿي گذريو، ان موقعي تي چڍڙ برادري جا لال خان مير بهر ايڊووڪيٽ غلام مصطفي بگٽي رئيس رستم خان پتافي ضمير خان هادي بخش ۽ مري برادري جا  رئيس فضل محمد مري رئيس شمشاد خان مري رئيس وحيد مري رئيس شوڪت خان مري رئيس ۽ ٻين برادرين جي معزز ماڻهن جي موجودگي ۾ فيصلو ٿي گزريو ،جڏهن ته چڍڙ برادري جي عبدالطيف چڍڙ جي خون جي رقم 40 لک رپيا رکيا ويا جنهن جي فتوه مري برادري قبول ڪئي ۽ فيصلي جي مڃت پنجاھ هزار رپيا ٿڏي تي ڏنا، باقي ٻنهين ڌرين هڪ ٻئي کي قرآن پاڪ تي معاف ڪيو جنهن بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.