راِ کي ڳجهي معلومات، متحده لنڊن جي 5 ڪارڪنن جي ضمانت رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀارتي ايجنسي راِ کي ڳجهي معلومات ڏيڻ ۽ دهشتگردن جي معاونت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم لنڊن جي 5 ڪارڪنن شاهد عرف متحده، عادل انصاري،سراج احمد خان،ماجد خان ۽ آصف صديقي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جوابدارن کي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي.عدالت اي ٽي سي کي حڪم ڏنو ته جوابدارن تي فوري فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ٽي سي کي 7 مهينن ۾ڪيس جو ٽرائل مڪمل ڪري فيصلو ڏيڻ جي هدايت ڪئي.عدالت قمر منصور جي ڀاءُ محمود صديقي سميت 3 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.ڪيس ۾11جوابدار گرفتار آهن.ايف آءِ اي چيو ته محمود صديقي ڀارت کان فنڊ وٺي پاڪستان جي بئنڪن ۾ پئسا محفوظ ڪيا،جوابدارن تي اڃا تائين  فرد جرم لاڳو نه ٿيو آهي.عدالت چيو ته جيڪڏهن جوابدارن جي ڪري ڪيس ٽرائل متاثر ٿي رهيو آهي ته عدالت سرڪاري خرچ تي جوابدارن کي وڪيل ڏيندي،جوابدارن خلاف ثبوت موجود آهي.،اي تي سي به ضمانت رد ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.