ڪرشن کٽواڻيءَ جي ناول ” ترندڙ بادل“ جو اڀياس

شهباز پيرزادو

بادل به ترندا آهن ڇا ؟ترندي ۽ ٻڏندي ته اُها شئي آهي جيڪا پاڻيءَ ۾ هجي بادل ته آسمان ۾ ٿيندا آهن پوءِ اُهي ڪيئن ۽ ڪٿي ترندا آهن ؟ ها بادل ترندا آهن ۽ انهن کي ترڻ لاءِ پاڻيءَ جي نه پر اکين جي  ضرورت پوندي آهي ….. اُهي اکين ۾ ترندا آهن ، انهن اکين ۾ جن ۾ سندر خواب هوندا آهن ، جن ۾ انقلاب جو اوسيئڙو هوندو آهي ، جن ۾ رات جي سانت سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي ۽ انهن اکين ۾ جيڪي صبح جي نور ڀرئي نظاري کي پسي سگهنديون آهن . دنيا ۾ اهڙيون کوڙ اکيون آهن جن ۾ بادل ترندا آهن ، اُهي بادل جيڪي ڏڪاريل ڏيهه مٿان رحمت هوندا آهن ، جيڪي موذين جي مرڻ کانپوءِ وسندا آهن ، جيڪي اُڃاري ڌرتيءَ مٿان  مينهن جي پهرين ڪڻين وانگر ڪرندا ۽ گم ٿي ويندا آهن ، بس انهن بادلن  کي محسوس ڪرڻ لاءِ حقيقت جي اک گهربل هوندي آهي  جيڪا تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندي آهي ….

اهڙيون  حقيقت  کي پسڻ  واريون سندر اکيون  سنڌ جي ارڏي ۽ نرالي ليکڪ ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪرشن کٽواڻيءَ  کي به هيون  جنهن ترندڙ بادل جهڙو شاهڪار ناول لکي ان  بادل کي ياد ڪيو جيڪو سنڌ جي اکين ۾ ترندو رهيو  ۽ ڌرتيءَ ۾  ئي جذب ٿي ويو ، جنهن جي مٽي آسمان تي نه پر ڌرتيءَ تي ڳوهي وئي ۽ هو ڌرتيءَ سان اهڙو ته جڙيل رهيو جو ساهه جي آخري هڏڪي تائين به لطيف جون هي سٽون سندس جذبن جون  ترجمان رهيون ته

سندي جا ساڻيهه سا کيهه کٿوري ڀانيان

ڪرشن کٽواڻيءَ جو هي  ناول پوري حياتي  سنڌ جي تسيبع سوريندڙ ان عظيم شخصيت تي آهي  جنهن جي پيرن کي ڇهڻ ۾ شيخ اياز جهڙو وڏو شاعر به سعادت محسوس ڪندو هيو. اوهان سڀ ڄاڻي ويا هوندا ته هي ناول سنڌ جي  عظيم ۽ آدرشي  انسان محترم حشو ڪيولراماڻيءَ جي زندگي تي لکيل آهي.  حشو ڪيولراماڻي جيڪو ڀريا ۾ ڄائو ۽ الهاس نگر ۾ گم ٿي ويو  پر سندس پيرن جا نشان اڄ به سنڌ جي ادب  ۽ سياست ڏانهن ويندڙ رستن تي چٽا بيٺا آهن ، هن تي تمام ٿورو لکيو ويو آهي پر جيڪو لکيو ويو آهي سو وري وري پڙهڻ جهڙو آهي ، شيخ اياز جي ”جيل ڊائري“ هجي يا سائين جي ايم سيد جو ”جنب گذاريم جن سين،“   مدد علي سنڌيءَ  جو حشوءَ جي شخصيت تي لکيل  ڪتاب هجي يا  ڪرشن کٽواڻيءَ جو هي ناول ”ترندڙ بادل“ هجي انهن سڀني تحريرون ۾   حشوءَ جو جيڪو جيڪو روپ بيان ڪيو ويو آهي انهن مان هر هڪ نرالو ۽ منفرد  آهي ڇو جو حشوءَ ڪيولراماڻيءَ جي زندگي جا سوين رخ هئا جن مان هڪ هڪ الڳ الڳ ڪتاب ٺهي سگهن ٿا …

ڪرشن کٽواڻيءَ سوانحي ناول لکڻ ۾ پنهنجو پاڻ مڃائيندڙ ليکڪ آهي هن هڪ سوانحي ناول” منهنجي  مٺڙي سنڌ“ به لکيو هيو جنهن ۾ پڻ وطن جي وڻن جي سار ۽ ورهاڱي جا وڍ هئا. مون ان ڪتاب تي تبصرو ڪجهه مهينا  اڳ لکيو هيو ۽ هاڻ  ناول  ترندڙ بادل   پڙهڻ کانپوءِ به ان تي رايو لکڻ کان رهي نٿو سگهان …بظاهر ته هي ڪتاب ٻن پيار ڪندڙ دلين جو نغمو آهي،  هيم ۽ سجاتا جي پريم ڪهاڻي آهي  پر هن  ڪتاب ۾ جيڪا وطن جي مٽيءَ سان محبت ۽ جلاوطنيءَ جو ڏک بيان ٿيل آهي سو پڙهڻ دوران اکين جا بند ڀڃي پون ٿا.

هيم ( ناول جو مرڪزي ڪردار )  کي ياد ناهي ته هن جلاوطن ٿيڻ بعد ڪيڏي دربدري  ۽ پيڙا ۾ زندگي گذاري پر کيس  هر وقت الڪو آهي ته وطن جي سرحدن جو ، قومي ٻوليءَ جو  ۽ ديس جي انهن  عام ماڻهن جو جن کان زمينون کسي ڌارين کي زوريءَ آباد ڪيو ويو ، هو ورهاڱي ۽ جلاوطنيءَ  بعد صفا ويڳاڻو ٿي پيو هيو.  سندس دل کي ڪٿي به چين ڪونه ٿي آيو پر  ڀٽڪڻ جي سفر ۾ به هُن قومي  پرچار تان هٿ نه کنيون ۽ پيار جي گرفت ۾ اچڻ بعد به هن وطن ورڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.  شايد هي ڌرتيءَ جو عشق ئي هو جنهن سندس نيڻن مان ننڊ کي تڙي ڪڍيو هيو ۽ سندس دل ۾ ديس جي يادون جي اهڙي ميغ هيئن هئي جيڪا هر محفل ، هر جڳهه ۽ هر پروگرام ۾ کيس وطن جي ياد پئي ڏيکاريندي هئي ..ساڻيهه کي ياد ڪندي ۽ سجاتا سان گڏ گهمندي هيم جا ڪيئي روشن ڏينهن ۽ اونداهيون راتيون  گذاريون   پر هو ڪنهن ويل به وطن جي ياد کان غافل نه ٿيو سجاتا هن جي اکين ۾ وطن سان محبت ڏسي حيران ٿي ويندي هئي ۽  هيم جي واتان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌندي ڄڻ سندس ذهن کي سڪون ايندو هو  سجاتا لاءِ سڪون جي گهڙي سنڌ جي پچار نه هئي پر هيم جو بيخودي وچان ڳالهائڻ ۽ لکڻ هو جنهن کي ٻڌي ۽ پڙهي هوءَ سرور وٺندي هئي …

ناول ۾ سجاتا هڪ صحافي عورت آهي جيڪا هيم کان ڪتابن تي تبصرا لکائيندي آهي ۽ هنن ٻنهي وچ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو تعلق پيار ۽ پريم ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ايترو پيار جو سجاتا جڏهن هيم سان زندگيءَ جي ڏکين گهڙين تي ڳالهائيندي هئي ته سندس اکين مان ڳوڙها وهي ايندا هئا

هڪ ڀيري سجاتا پنهنجي خودساخته وهي ايندڙ ڳوڙهن جو سبب هيم کان معلوم ڪرڻ چاهيو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ”توکي پيار ٿي ويو آهي “

ها پيار زبان سان گهٽ ۽ اکين سان وڌيڪ اظهاري سگهبو آهي ڇو جو سنجيده ماڻهن کي پيار جي اظهار ڪرڻ لاءِ جملن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي انڪري ڪري انهن وٽ ڳوڙهن کانسواءِ ٻيو رستو ئي ناهي بچندو ….

ڌرتيءَ تان ڌڪارجي وڃڻ ۽ اوپري شهر ۾ زندگي گذارڻ ڪيڏي نه ڪٺن آهي اُهو ته هن ناول ۾ واضع آهي پر ان سمورين بدترين حالتن بعد جڏهن وقت جي تيرن هٿان زخمي ٿيل شخص زندگيءَ ڏانهن هاڪاري رويو رکي سوچي ٿو ان جو سبب هڪ پيار جو پاڇو ئي آهي. شايد هيم ايترو پڙهي ۽ لکي ڪونه سگهي هان جيڪڏهن سندس زندگيءَ  ۾ سجاتا نه اچي هان ۽ هن جي اچڻ سان هيم جي حالت ائين بهتر ٿي جو ڄڻ کيس سور سلڻ لاءِ ساٿي ملي ويو هجي جنهن سان گڏ هو ڌرتيءَ کي ياد ڪندو ۽ ماڻهن جي بنيادي مسئلن تي قلم کڻندو رهيو

ٽٽل دل ۽ زخمي روح کي دليلن جا ٽاڪا ناهن لڳي سگهندا  هڪ پيار ئي آهي جيڪو بيچيني ۾ چين عطا ڪري سگهي ٿو ۽ انسان جي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ، هيم به دنيا وٽان ڌڪارجي محبت ۾ پناهه ورتي ۽ اُتان ئي کيس وطن وڃڻ جو رستو مليو ڄڻ کيس زندگي ملي وئي. هيم ۽ سجاتا  ٻه الڳ جسم ضرور آهن پر ٻنهي جي دلين جي دڙڪن ساڳئي آهي ڇو جو هنن جو پيار ميلاپ جي طابع نه رهيو هنن هڪٻئي جو وجود سڃاڻي ورتو هيو

سسئي کي پنهون پڄاڻان  ڪيچ مڪران جي رستي تي هلندي ئي جيئڻ جو سبب نظر آيو  هو ۽ هن پنڌ ۾ هلندي فنا ٿيڻ ۾ ئي هن  سڀڪجهه ڀانيو هيو بلڪل ساڳئي طرح هڪ خوشحال ، حسين ۽ بهتر زندگي گذاريندڙ سجاتا کي به   زندگي جون سڀ آسائشون  ايترو سڪون عطا نه ڪري سگهيون جيترو هيم جي پيرن جي نشانن تي هلڻ ۾ کيس سڪون مليو ۽ هوءِ انهن ئي رستن تي هلڻ جو وچن ڪري ويٺي ..

هزارين ماڻهو وطن جي بقا جو رستو ڇڏيندي سمجهندا آهن  ته  قومي بقا جو سفر پڄاڻيءَ تي پهچي ويندو انقلاب ۽ سياست اڻپوري رهجي ويندي ۽ هاڻ ڪو به تحرڪ جنم نه وٺندو پر هيم جو هڪ جواب انهن سڀني جي وات تي تالو هڻڻ لاءِ ڪافي آهي ته” سنڌ کي منهنجي نه پر مونکي سنڌ جي ضرورت آهي“ شايد ان جملي کي سجاتا ئي درست انداز ۾ سمجهيو ۽ محسوس ڪيو جو هوءَ هيم جي نرواڻ تي رسڻ بعد مايوس ٿيڻ بجاءِ پاڻ به  ان ساڳئي وطن جي ولين ۾ ويڙهجي وئي جتي هيم ابتدائي قدم کنيا هئا ………

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.