نوري آباد ڀرسان پوليس جي چڙهائي، هڪ ڄڻو کنڀي گم، احتجاج

نوري آباد (ن ع آ) نوري آباد دادا ڀائي  ويجھو ڳوٺاڻن تي پوليس جي چڙھائي نظام الدين جمن شڪور پالاري کي پوليس تشدد ڪري کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڳوڻاٺن جي زمين تي قبضي جي ڪوششون ڪيون ويون، ڳوٺاڻن ڀائي خان يوسف ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته تازو نيب جي ڪيسن مان آزاد ٿيل محمود رنگول والا پئسي جي زور تي ڳوٺاڻن تي تشدد ڪري بگٽي برادري جا ڏوھاري جديد اسلحن  سميت ماڻھو قبضي تي  ويهاريا آھن جنھن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال ڇانيل آھي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪافي ٽائيم کان دانھون ڪوڪون ڪيون آھن ۽ لاڳايل ادارا سندن مدد ڪرڻ لاءِ نه پھتا، پوليس تحفظ ڏيڻ بجاءِ قبضا مافيا ۽ بلڊرن جي ساٿاري بڻجي چڪي آھي جيڪا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦسائڻ چاھي ٿي، هنن ايس ايس ڄامشورو ڊي سي ڄامشورو ۽ اعلي عدالتن کان انصاف گھر ڪئي آھي ۽ سندن ناحق پوليس پاران گم ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرائڻ  جو مطالبو ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.