بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون سان ملڪ کي رسيل ڪروڙن جو نقصان

گذريل ڏينهن ۽ رات وري ملڪ جي 60 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيڻ ڪري سمورو ڪاروھنوار رڪجي ويو ،جنھن بابت واپڊا ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا وضاحتون ڪري رھيا هيا، ان سان ھڪ ئي ڏينھن ۾ ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي چڪو آھي.

اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي جو عالمي اداري کان قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪي ٻھ اھم شعبا چونڊيا ويا آھن، جن مان ھڪ اندازي موجب وڌيڪ اوڳاڙي ٿيڻ جو آسرو يا امڪان آھي، ان ۾ ھڪ قدرتي گئس ۽ ٻيو بجلي جو کاتو آھي، اھي ٻئي اسم ھن وقت سموري ملڪ جي ماڻھن جي بنيادي ضرورت بھ ٿي ويا آھن، ٻئي پاسي انهن جي حالت اھا آھي تھ سڄي ملڪ ۾ گئس جي کوٽ ھئڻ ڪري اھا بھ ان جي واھپي جي لاءِ وقت مقرر ڪيل آھي،جنھن بابت بھ ڪيتريون ئي شڪايتون آھن تھ مقرر ڪيل وقت تي بھ گئس عوام کي نٿي ملي،ٻيو شعبو بجلي جو آھي،جنھن جي بھ اھا صورتحال آھي جو تازو ويجھڙائي ۾ ھي ٽيون ڀيرو آھي جو سموري ملڪ ۾ وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آھي.

عالمي اداري جي خواھش پنھنجي جاءِ تي پر انھن ٻنھي اھم ادارن جي جيڪا عملي پوزيشن آھي،ان مان عوام بيزار ٿي رھيو آھي،اھو ممڪن آھي تھ انھن يوٽلٽيز جي في يونٽ قيمت وڌائڻ سان ان مان خاصي اوڳاڙي ٿي سگھي ٿي پر جيڪڏھن انھن ادارن جي سروس جي ڳالھھ نڪرندي تھ عوام انھن بابت شڪايتن جا دفتر کولي رکي ٿو،اھڙي ڪارڪردگيءَ سان نھ تھ مقرر ڪيل ھدف حاصل ٿيڻ ممڪن آھي نھ ئي وري انھن ادارن جي ڪنھن بھ طرح سڌاري جو ڪو امڪان نظر اچي رھيو آھي.

سماج ڏانھن ماڻھن جي عمومي رويي مان ئي ان سماج جي قدرن جو اندازو ٿئي ٿو،ھر اداري ۾ مقرر يا موجود ماڻھون پڻ ھن ئي معاشري جو حصو آھن.ان جو نتيجو اھو بھ حاصل ڪري سگھجي ٿو تھ ملڪ جي ادارن جي ڇا حالت آھي، جن کي بھتر ڪرڻ جي نيت ڪجي تڏھن پڻ ان ۾ وڏو وقت ۽ لڳاتار جدوجھد جي ضرورت آھي.

جيتوڻيڪ وزيراعظم پاڪستان شھبازشريف ملڪ ۾ اھڙي ڊگھي بريڪ ڊائون جو نوٽيس ورتو آھي، ھن ملڪ ۾ پاور جي فراھمي وارن ادارن کان ان بابت سختي سان پڇاڻو بھ ڪيو آھي،ممڪن ھجي تھ ان بابت ڪا انڪوائري بھ جڙي ۽ ان جي خانه پوري بھ ٿي وڃي پر اصل سببن تائين پھچڻ بنا ان جو حل ڳولڻ ممڪن ئي نھ ھوندو آھي.اڳوڻن ٿيل بريڪ ڊائونن ۽ انھن تي ٿيل بحث، ان جي حاصل نتيجن کانپوءِ اھو ئي سمجھڻ گھرجي تھ اھو ھڪ مشڪل ڪم ئي ھوندو جنھن ۾ ڪو بھ ھٿ وجھڻ ئي نھ چاھيندو.

بدقسمتي يا خوشقسمتي سان ھن وقت سموري ملڪ ۾ سرڪاري توڻي غير سرڪاري ادارن جي ڪم جو وڏو حصو بجلي سان لاڳاپيل ڪمن تي منتقل ٿي ويو آھي، ڪيترائي ڪم بجلي نھ ھئڻ ڪري صفا بند ٿي ويندا آھن، ٻئي پاسي اسان وٽ ڪنھن بھ حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ يا وري نعم البدل توانائي واري پاسي ڪو غور نھ ڪيو آھي،اڄوڪي دنيا ايتري تھ ھڪ ٻئي سان ڳنڊجي وئي آھي جو جيڪو بھ ڪجھھ سکڻ،سمجھڻ چاھي ٿو اھو دنيا ۾ ٿيندڙ کوجنائن ۽ تحقيقن مان ڪافي لاڀ حاصل ڪري رھيو آھي پر شايد اسان وٽ اقتدار جي ڪرسي تائين پھچندڙ سياستدانن ان تي ڪڏھن بھ توجهھ نھ ڏنو آھي،يا وري اھو چئي سگھجي ٿو تھ اھڙو ڪم ھنن جي اوليت ۾ شامل نھ آھي، قرضن تي ڀاڙيندڙ معيشت واري ھن ملڪ جي وس وارن جي سموري ڪوشش صرف ئي صرف عالمي ادارن ۽ ٻين ملڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۽ انھن کي بي رحمي سان خرچ ڪرڻ ئي آھي.

ملڪ جي اڪابرن جو ڪم ھوندو آھي مستقبل جي مسئلن ڏانھن ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي حل لاءِ عمل جوڳو پروگرام ڏيڻ، ھتي تھ وري ماھرن وٽ ان جي لاءِ نھ تھ وقت آھي نھ ئي انھن جي اوليتن ۾ اھڙي ڪا ايجنڊا شامل آھي، جنھن ڪري اسان وٽ ڪڏھن بھ ڪا اھڙي رٿا بندي ڪرڻ بجاءِ رڳو اھو بندوبست ڪيو ويندو آھي تھ وقت کي ڪيئن ٽپائجي، عام روش جي ڪري سمورن ادارن ۽ انھن جي ذيلي ادارن ۾ اھو ڪلچر پيدا ٿي ويو آھي،جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو ھر ڪم عرف عام ۾ ”جڳاڙ“ تي ھلي رھيو آھي، ان ڪري ڪنھن وقت بھ ڪو بحران ڪر کڻي ڪري سمورو ڊينگو ڊيري ڪري سگھي ٿو پر ان جي ڪنھن کي بھ ڪا پرواھھ نھ آھي.

جيڪڏھن آسپاس ۾ ٿوري نظر ڪنداسين تھ وچ اوڀر جا اھي ملڪ جيڪي تيل نڪرڻ کان اڳ سماجي،سياسي ،معاشي ،علمي ۽ عملي طور پوئتي ھئا اھي بھ اڄ ھر شعبي ۾ اڳتي نڪري ويا آھن، ان جي ابتڙ اسان جيڪي انھن کان گھڻو اڳتي ھئاسين، اھي ھاڻي ھنن سان ڪنھن بھ شعبي ۾ نھ رڳو برابري نٿا ڪري سگھون بلڪھ انھن کان گھڻو پوئتي رھجي ويا آھيون.

دنيا ۾ شمسي توانائي کي واھپي ۾ آڻي بجلي جي ڪافي بچت ڪري سگھجي ٿي،ٻين ڪيترين ئي ذريعن سان توانائي پيدا ڪري رڳو رواجي ايجاد واري طريقي مٿان لوڊ گھٽ ڪري سگھجي ٿو، پر ان جي لاءِ ھڪ ويزن، اٽل ارادي، مستقل مزاجي،ماھرن جي تسلسل جي ضرورت آھي،جيڪو سري کان اسان وٽ نھ آھي.

ان جي ڪيترن ئي سببن مان هڪ اھم سبب سياسي بحران آھي، جنھن جو سڌو اثر ملڪ جي عام معيشت تي پئجي رھيو آھي، جنھن سان ملڪ کي اڳتي ڪرڻ جي لاءِ جوڙيل پاليسين تي پڻ منفي اثر پوي ٿو، جنھن ڪري ئي اسان ھنن حالن ۾ آھيون جن مان وري نڪرڻ جو ويجھڙائي ۾ ڪو امڪان ان ڪري نظر نٿو اچي جو ڪا بھ ڌر ان طرف سنجيدگيءِ سان سوچڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

بجلي پيدا ڪندڙ ۽ بجلي جي ورھاست ڪندڙ ادارن پاران صرف اھو اطلاع ڪيو ويو آھي تھ ملڪ ۾ پاور جي بحالي ۾ ٻارنھن ڪلاڪ يا وري ان جو مدو چويھھ ڪلاڪ تائين ٿي سگھي ٿو.اميد ڪجي ٿي تھ ھن وڏي بريڪ ڊائون بعد سرڪار اھڙا ڪي عملي قدم کڻندي جنھن سان اھو ورجاءَ نھ ٿيندو ۽ ان جي اصل سببن کي ڳولي اھي ختم ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.